ڊاڪٽرڪمال ڄامڙو

ڊاڪٽرڪمال ڄامڙو

ڪمال ڄامڙو ڊاڪٽر

ڪمال ڄامڙو، ڊاڪٽر: محقق، ليکڪ ۽ شاعر، ڊاڪٽر ڪمال ولد لونگ خان ڄامڙو، پھرين آگسٽ 1972ع تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي، راڻيپور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ، مئٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور مان پڙهڻ کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ ايم. اي (سنڌي) ڪئي. مئي 1998ع کان ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه لطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهڻ کان پوءِ آگسٽ 2000ع ۾ اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. جنھن کانپوءِ هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ. ڊي ڪئي. سندس پي ايڇ. ڊي جو مقالو ’سنڌوءَ جا گيت‘ عنوان سان 2008ع ۾ ثقافت کاتي پاران شايع ٿيو. هي ماهوار رسالي ’ماهه روز‘ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر ۽ اسلاميه ڪاليج مئگزين 2003ع جو چيف ايڊيٽر به رهيو. سندس ڪيترا تحقيقي مقالا ۽ مضمون سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ لاءِ سنڌي توڙي اردوءَ ۾ لکيو. ڪيترائي سال ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئر ۽ انائونسر رهيو. وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچيءَ جي سنڌي شعبي جو استاد ۽ چيئرمين هجڻ سان گڏ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ هلندڙ سنڌي سکيا ڪلاس جو نگران به رهيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’شاهه عبداللطيف ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر‘ (ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ۽ طارق عزيز شيخ، 1998ع)، ’سنڌي ثقافت جا امر آواز‘ (2003ع)، ’لطيف ذهني چٽا ڀيٽي‘ (2004ع)، ’سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت‘ (2005ع)، ’مقالا-سومرا دؤر قومي ادبي ڪانفرنس‘ (مرتب، 2007ع)، ’ڪراچيءَ جا اديب ۽ شاعر‘ (2007ع)، ’تو لکيو مون پڙهيو‘ (خط، 2007ع)، ’سرڪيڏارو بابت لکيل مقالا‘ (مرتب، 2008ع)، ’سنڌوءَ جا گيت (پي ايڇ. ڊي مقالو، 2008ع)، ’ڪچھريءَ جا مور‘ (لوڪ ادب، 2013ع)، ’سنڌي لوڪ ادب‘ (2016ع)، ’ڀٽائي ۽ ڀونءِ‘ (چونڊ بيتن جي سمجهاڻي، 2019ع)، ’سنڌي ٻولي ۽ ثقافت‘ (2019ع)، ’عشق جي عنايت‘ (فقير علي گوهر وڳڻ جو ڪلام، 2019ع) ۽ ’بھادر ڇوڪري‘ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون ۽ مضمون، 2020ع) شامل آهن. 16 ڊسمبر 2020ع تي ڊينگي بخار سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.08.01  عيسوي

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ولد لونگ خان ڄامڙو، پهرين آگسٽ 1972ع تي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي، راڻيپور، ضلعي خيرپور ميرس ۾ پيدا ٿيو.


2020.12.16  عيسوي

نامور محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي 16 ڊسمبر 2020ع تي ڪراچيءَ ۾ ڊينگي بخار سبب وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيئل اوڏ
سنتداس پنهون مل ڪشناڻي
الطاف جوکيو ڊاڪٽر
مرتضيٰ سيال
حداد محمد علي
صديق سالڪ برگيڊيئر
شاهه بليغ الدين
ساجده پروين ڊاڪٽر
امر جليل
قابل ڏاهري
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون